جَهري بَري

جَهري بَري: جهري بري، ٻڪريءَ جو هڪ قسم آهي. هن قسم جي ٻڪريءَ جي جسم تي ڪارا ۽ اڇا ٽڪا ٿيندا آهن. هن ٻڪريءَ جا ٿڻ ڊگها ٿيندا آهن ۽ ان جون ٽنگون به ڊگهيون ٿينديون آهن. هن ٻڪريءَ جي ڏاس وڏي ٿئي ۽ سندس پُڇ تي گهڻا وار ٿين ٿا. هن ٻڪريءَ جا سڱ ننڍا ۽ وٽيل هوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو